ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، 176 ڄڻا فوت

ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، 176 ڄڻا فوت

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ يوڪرين جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي جنهن ۾ سوار عملي سميت 176 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. غير ملڪي خابرو ايجنسي مطابق يوڪرين جو بوئنگ 737 جهاز تهران ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو. ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي مطابق جهاز فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿيڻ جو خدشو آهي پر واقعي جي تحقيقات جو آغاز ڪيو ويو آهي. رپورٽ مطابق جهاز تهران جي امام خميني ايئرپورٽ کان اڏامڻ بعد ڪجهه دير ۾ ئي جهاز جي انجڻ ۾ باهه لڳي وئي. رپورٽ مطابق جهاز جو پائليٽ هنگامي لينڊنگھ جي ڪوشش ڪئي ليڪن جهاز زمين تي ڪري تباهه ٿي ويو. سرڪاري نيوز ايجنسي مطابق حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز ۾ عملي جا 9 ۽ 166 مسافر سوار هيا جيڪي سڀ فوت ٿي ويا. يوڪرين جي صدر به جهاز جي حادثي جي تصديق ڪندي حادثي جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو