ايران کي ريل رستي چانور موڪلڻ جو معاهدو ٿي ويو

ايران کي ريل رستي چانور موڪلڻ جو معاهدو ٿي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ٽرين ذريعي هر مهيني 30 هزار ٽن چانور ايران موڪلڻ جو معاهدو مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي. لاهور ۾ خواجا سعد رفيق جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قراقرم ايڪسپريس، ڪراچي ايڪسپريس ۽ پاڪ بزنس ايڪسپريس کي 120 ڏينهن اندر اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.خواجا سعد رفيق چيو ته خيبر ميل ۽ جعفر ايڪسپريس جي بهتر سار سنڀال به ڪئي ويندي. جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊرائي پورٽس جي آمدني 2 ارب رپين تائين کڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، ان کان علاوه بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر هاڪڙي پل جي بحالي تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي.پڌرنامي ۾ چيو ويو ته سبي ۽ تفتان ريلوي اسٽيشنن جي اپ گريڊيشن لاءِ پلان تيار ڪيو وڃي ۽ ڪوئيٽا ۽ زاهدان وچ ۾ مال بردار سفري وقت ۾ گهٽتائي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو