ايران جي طاقتور خاندان جي ڪرپٽو ڪمپني جو ڪمال

ايران جي طاقتور خاندان جي ڪرپٽو ڪمپني جو ڪمال

لنڊن(ويب ڊيسڪ)ايران جي هڪ طاقتور خاندان جا 2 پٽ، جن جا ايران جي نئين سپريم ليڊر سان ويجها لاڳاپا آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينج تي ڪنٽرول رکن ٿا، جنهن کي هنن هڪ اسٽارٽ اپ مان عالمي معيشت تائين رسائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو بليڪ لسٽ ٿيل رياستي ادارن ۽ عام شهرين ٻنهي طرفان استعمال ٿئي ٿو.
رائٽرز جي تحقيق موجب، جڏهن کان نوبيٽيڪس نالي هي پليٽ فارم Nobitex ٻن ڀائرن هڪ متبادل خانداني نالي هيٺ قائم ڪيو، تڏهن کان اهو ڏهاڪن کان وٺي سوين ملين ڊالرن تائين ٽرانزيڪشنون پروسيس ڪري چڪو آهي، جن مان ڪيتريون ئي پابندين هيٺ آيل گروپن سان ڳنڍيل آهن، جن ۾ ايران جي مرڪزي بينڪ ۽ طاقتور پاسداران انقلاب يعني آءِ آر جي سي ڪور به شامل آهن.
اهي ٻئي ڀائر خرازي خاندان جا ميمبر آهن، جيڪو اسلامي جمهوريه جي سڀ کان بااثر خاندانن مان هڪ آهي. ڪارپوريٽ رڪارڊ ڏيکارين ٿا ته جڏهن ايڪسچينج شروع ٿيو، تڏهن ڀائرن هڪ اهڙو نالو استعمال ڪيو جيڪو خاندان جا ميمبر گهٽ استعمال ڪندا آهن.
ڪمپني جلدي ايران جي معيشت ۾ اهم حيثيت اختيار ڪري وئي. Nobitex دعويٰ ڪري ٿو ته ان جا هڪ ڪروڙ 10 لک (11 ملين) يوزر آهن، جيڪي ايران جي آبادي جو 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. عالمي بئنڪنگ نظام کان ڪٽيل هجڻ، ڪرنسي جي قدر گهٽجڻ ۽ مهانگائي وڌڻ سبب عام ايراني ماڻهو به ڪرپٽو ڪرنسي خريد ڪرڻ ۽ رکڻ لاءِ هن ايڪسچينج کي استعمال ڪن ٿا.
جيتوڻيڪ ايران تي مغربي اقتصادي پابنديون آهن، پر هن ايڪسچينج کي آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن طرفان باضابطه طور نشانو نه بڻايو ويو آهي. رائٽرزکي اهڙو ڪو ثبوت نه مليو ته خرازي خاندان جو ڪو به فرد مغربي حڪومتن طرفان پابندين هيٺ هجي.
هي انڪشاف هڪ اهم وقت تي سامهون آيو آهي، خاص ڪري جڏهن آءِ آر جي سي ڪور ايران جي معيشت ۽ سيڪيورٽي تي پنهنجو ڪنٽرول وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي، خاص طور تي علي خامنائي جي هوائي حملي ۾ مارجي وڃڻ کان پوءِ.
خرازي خاندان ايران جي حڪومتي نظام جي مرڪز ۾ ٽئين نسل طور موجود آهي. هن خاندان جا ميمبر سپريم ليڊرن جا صلاحڪار رهيا آهن ۽ اهم سياسي، سفارتي ۽ مذهبي عهدن تي فائز رهيا آهن. خاندان جا لاڳاپا آيت الله روح الله خامنائي، علي خامنه اي ۽ سندس پٽمجتبيٰخامنائي سان شادي ذريعي پڻ جڙيل آهن.
ٻئي ڀائرعلي خرازي ۽محمد خرازي آغامير “Aghamir” نالي سان، نوبيٽيڪس کي ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو فراهم ڪندڙ پليٽفارم بڻايو، جيڪو اندازي موجب ايران جي 70 سيڪڙو ڪرپٽو ٽرانزيڪشن سنڀالي ٿو.
نوبيٽيڪس عالمي ڪرپٽو مارڪيٽن تائين پل طور ڪم ڪري ٿو ۽ هڪ اهڙي متوازي مالي نظام جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جيڪو پابندين کان بچڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. تحقيق موجب، ايران حڪومت هن ذريعي پنهنجي اتحادي ملڪن ڏانهن پئسا منتقل ڪري ٿي.
ڪمپني پنهنجي بيان ۾ حڪومت سان سڌي لاڳاپي کي رد ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪو غير قانوني فنڊ گذريو به آهي ته اهو انتظاميا جي ڄاڻ کان سواءِ ٿيو هوندو.
تحقيق دوران اهو به سامهون آيو ته جنگ دوران به نوبيٽيڪس ٽرانزيڪشن جاري رکيا، جڏهن ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند ۽ بجلي جا بحران هئا. اندازي موجب ان عرصي دوران 100 ملين ڊالر کان وڌيڪ جون ٽرانزيڪشن ٿيون.
ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ايلزبيٿ وارين چيو ته هي انڪشاف ڳڻتي جوڳو آهي، ڇو ته مخالف ملڪ ڊجيٽل اثاثن کي عالمي مالي نظام کان بچڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب، نوبيٽيڪس نه رڳو عام ماڻهن لاءِ، پر ايران جي رياستي ادارن لاءِ به هڪ اهم مالي اوزار بڻجي ويو آهي، جيڪو عالمي پابندين جي باوجود ملڪ کي مالي وهڪرو جاري رکڻ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو