ايران جنگ ۾ آمريڪا جا 42 جهاز تباهه ۽ نقصان جو شڪار

ايران جنگ ۾ آمريڪا جا 42 جهاز تباهه ۽ نقصان جو شڪار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڪانگريس پاران ايران جنگ دوران آمريڪي فضائيه کي پهتل نقصان بابت هڪ تفصيلي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن جنگ دوران آمريڪا جا 42 جهاز تباهه ٿيا يا نقصان جو شڪار بڻيا۔
هي رپورٽ آمريڪي ڪانگريس جي ڪانگريشنل ريسرچ سروس (سي آر ايس) تيار ڪئي آهي ۽ اها آمريڪي ڪانگريس جي ويب سائيٽ تي پڻ موجود آهي۔
سي آر ايس پارٽي وابستگي کان سواءِ آمريڪي ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن جي ميمبرن کي پاليسي معاملن تي تجزيا فراهم ڪري ٿي۔
رپورٽ ۾ آمريڪي دفاع واري اداري پينٽاگون، سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ۽ نيوز آرٽيڪلن جا حوالا ڏنا ويا آهن، جن موجب جيڪي جهاز نقصان جو شڪار ٿيا يا تباهه ٿيا، انهن ۾ بغير پائلٽ وارا جهاز، جنگي جهاز، هيليڪاپٽر ۽ ڊرون به شامل آهن۔
رپورٽ ۾ پينٽاگون جي هڪ عملدار جولس ڊبليو هرسٽ جي ڪانگريس ۾ تازي پيش ٿيڻ جو به حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن مطابق ايران جنگ ۾ دفاع واري اداري جا خرچ 29 ارب ڊالرن کان وڌي چڪا آهن، جن ۾ انهن جهازن جي مرمت ۽ بحالي جا خرچ پڻ شامل آهن۔
چار ايف-15 اِي اسٽرائڪ ايگل جهاز
رپورٽ موجب ٻه مارچ 2026 تي سينٽڪام تصديق ڪئي ته آمريڪا جا ٻه ايف-15 اِي اسٽرائڪ ايگل جهاز ڪويت ۾ “فرينڊلي فائر” سبب ڪري تباهه ٿي ويا۔ هن واقعي ۾ ٻنهي جهازن مان عملي جا ڇهه ماڻهو محفوظ نڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا۔
پنج اپريل 2026 تي سينٽڪام ٻڌايو ته آمريڪا جو هڪ ايف-15 اي جهاز ايران ۾ هڪ فضائي ڪارروائي دوران ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جا ٻئي پائلٽ الڳ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ذريعي اتان ڪڍيا ويا۔
رپورٽ ۾ 19 مارچ جي هڪ نيوز آرٽيڪل جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته جنگي ڪارروائين دوران ايراني زميني فائرنگ هڪ ايف-35 اي جهاز کي نقصان پهچايو۔
ان وقت آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) تصديق ڪئي هئي ته هڪ آمريڪي ايف-35 جنگي جهاز کي ايران جي فضائي حدن ۾ جنگي مشن کان پوءِ وچ اوڀر جي هڪ ايئر بيس تي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي هئي۔
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته: “جهاز محفوظ طريقي سان لهي ويو هو ۽ پائلٽ جي حالت به مستحڪم آهي.”
سينٽرل ڪمانڊ واقعي بابت وڌيڪ تفصيل نه ڏنو، پر آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته جهاز کي مبينا طور ايران نشانو بڻايو هو۔
آمريڪي ڪانگريس جي رپورٽ موجب 6 اپريل 2026 تي هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جي چيئرمين جنرل ڊين ڪين ٻڌايو ته: “ٽي اپريل تي دشمن جي فائرنگ سبب هڪ A-10 جهاز نشانو بڻيو، جيڪو بعد ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جڏهن ته پائلٽ اڳ ۾ ئي ٻاهر نڪري ويو هو ۽ کيس محفوظ ڪڍيو ويو.”
ڪي سي-135 ريفيولنگ ٽينڪر جهاز
رپورٽ مطابق 12 مارچ 2026 تي سينٽڪام اطلاع ڏنو ته عراق جي فضائي حدن ۾ ٻن KC-135 ٽينڪر جهازن جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب هڪ جهاز تباهه ٿي ويو، جڏهن ته ٻيو محفوظ لينڊنگ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو۔
تباهه ٿيندڙ جهاز ۾ عملي جا سمورا ڇهه ماڻهو مارجي ويا۔ اهي جهاز هوا ۾ جنگي جهازن کي ٻارڻ ڀرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن۔
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 14 مارچ جي هڪ نيوز آرٽيڪل موجب ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملي دوران سعودي عرب جي شهزاده سلطان ايئر بيس تي زمين تي بيٺل پنج KC-135 جهازن کي نقصان پهتو۔
اي-ٿري سينٽري ايئر بورن ارلي وارننگ اينڊ ڪنٽرول سسٽم جهاز رپورٽ موجب 28 مارچ جي هڪ نيوز آرٽيڪل ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ اي-ٿري جهاز ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملي دوران سعودي عرب جي ايئر بيس تي تباهه ٿي ويو۔ ست مئي تي ٻڌايو ويو ته اهو جهاز هڪ غير محفوظ ٽيڪسي وي تي بيٺو هو۔
ان وقت سعودي عرب جي هڪ فضائي اڏي جون ڪجهه تصديق ٿيل تصويرون سامهون آيون هيون، جن ۾ آمريڪي فضائيه جو هڪ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول جهاز تباهه ٿيل حالت ۾ ڏسي سگهجي پيو۔
اهي تصويرون سڀ کان پهرين آمريڪي فوج بابت خبرون ڏيندڙ هڪ فيس بڪ پيج تي شيئر ڪيون ويون هيون۔ انهن ۾ ڏسي سگهجي پيو ته “اي-ٿري سينٽري” نالي جهاز ٻه ٽڪرا ٿي چڪو هو۔
بي بي سي ويري فائي تصديق ڪئي هئي ته اهي تصويرون سعودي گادي واري شهر رياض کان 100 ڪلوميٽر پري شهزادو سلطان ايئر بيس تي ورتيون ويون هيون۔ تصويرن ۾ موجود اڏاوتون جهڙوڪ ٿنڀا، اسٽوريج يونٽ ۽ سائن بورڊ سيٽلائيٽ تصويرن سان مطابقت رکن ٿا۔
ايم سي-130 جي ڪمانڊو اسپيشل آپريشنز جهاز
پنج اپريل 2026 تي هڪ نيوز آرٽيڪل ۾ ٻڌايو ويو ته ٻه ايم سي-130 جي جهاز ڄاڻي واڻي ناڪاره بڻايا ويا، جيڪي تباهه ٿيندڙ ايف-15 اي جهاز جي تلاش ۽ ريسڪيو ڪارروائين ۾ مدد ڪري رهيا هئا۔
رپورٽ موجب اهي جهاز وقت سر اڏام نه ڀري سگهيا، جنهن بعد انهن کي زمين تي ئي ناڪاره بڻايو ويو، جڏهن ته عملي کي محفوظ ڪڍيو ويو۔
واضح رهي ته ايران آمريڪا جو هڪ ايف-15 اي جهاز ڪيرائي ڇڏيو هو ۽ ان جهاز جو هڪ عملي جو ميمبر ايران ۾ لاپتا ٿي ويو هو، جنهن جي ڳولا لاءِ آمريڪا وڏي پيماني تي سرچ اينڊ ريسڪيو ڪارروائيون ڪيون هيون۔
آمريڪي ميڊيا رپورٽن مطابق ايران ۾ ڪريل آمريڪي جنگي جهاز جي ٻئي عملي جي ميمبر کي بچائڻ دوران آمريڪي ۽ ايراني فوجن جو سامهون اچڻ به ٿيو هو۔ صدر ٽرمپ ان کي هڪ تمام وڏو جنگي مشن قرار ڏنو هو، جنهن ۾ آمريڪا جا درجنين جهاز شامل هئا۔
سرچ اينڊ ريسڪيو هيليڪاپٽر
رپورٽ مطابق 6 اپريل تي جنرل ڊين ڪين هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ تصديق ڪئي ته پنج اپريل تي آمريڪا جو هڪ HH-60W هيليڪاپٽر ريسڪيو مشن دوران نقصان جو شڪار ٿيو۔
سندس اشارو آمريڪي پائلٽ کي بچائڻ لاءِ ڪيل ان ريسڪيو مشن ڏانهن هو، جيڪو ايران پاران ڪيرايل ايف-15 اي جهاز جي لاپتا عملي ميمبر لاءِ ڪيو ويو هو۔
ڊرونز جي تباهي
ڪانگريس جي رپورٽ ۾ 9 اپريل جي هڪ نيوز آرٽيڪل جو حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن موجب “آپريشن ايپڪ فيوري” دوران آمريڪا جا 24 ڊرون جهاز تباهه ٿيا۔
رپورٽ مطابق انهن ۾ گهٽ ۽ وڌيڪ اوچائي تي اڏام ڪندڙ MQ-9 ريپر ڊرون شامل هئا۔ رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن جنگ دوران هڪ وڌيڪ اوچائي تي اڏام ڪندڙ MQ-4C ڊرون پڻ تباهه ٿيو۔
واضح رهي ته آمريڪي عملدار ايران جنگ دوران پنهنجا “گهڻا مقصد” حاصل ڪرڻ جون دعوائون ڪندا رهيا آهن۔ صدر ٽرمپ پڻ ڪيترن ئي موقعن تي چوندو رهيو آهي ته ايران جي فضائيه، فوج ۽ نيوي کي تباهه ڪيو ويو آهي۔
ٻئي طرف ايران جنگ ۾ ٿيندڙ پنهنجن نقصانن جو تفصيل اڃا تائين ظاهر ناهي ڪيو ۽ اڃا به اهو دعويٰ ڪري ٿو ته هو آمريڪا خلاف جنگ جاري رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔

پهنجو تبصرو موڪليو