واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان مذاڪرات سٺا هلي رهيا آهن، ممڪن آهي ته هفتي جي آخر تائين ڪا اڳڀرائي ٿئي، اسان ايران سان معاهدي تي صحيحن (دستخط) ڪرڻ جي ويجهو آهيون.صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايران سان مذاڪرات ڪجهه ڏينهن ۾ طئي ٿي سگهن ٿا، اسان ايران جي افزوده ٿيل يورينيم حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. آمريڪي صدر چيو ته معاهدو ٿيندي ئي هرمز واري پناهه گاهه (آبنائي هرمز) مڪمل طور تي کلي ويندي، اسان هرمز ۽ لبنان جي معاملي کي الڳ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته حزب الله به يقين دهاني ڪرائي آهي ته اها اسرائيل تي حملو نه ڪندي. ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران سان مذاڪرات ۾ افزوده يورينيم آمريڪا حوالي ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ايران ڪڏهن به جوهري (نيوڪليئر) هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي.
لبنان-اسرائيل ڳالهيون ”سرينڊر“ آهن، نعيم قاسم
حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم چيو آهي ته لبناني حڪومت جون اسرائيل سان هلندڙ ڳالهيون ”بي شرمي“ تي ٻڌل آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ٿيل جنگبندي جو معاهدو ”سرينڊر ۽ شڪست“ جي برابر آهي۔ حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم آمريڪا طرفان تازو اعلان ڪيل جنگبندي واري منصوبي تي پڻ سخت تنقيد ڪئي آهي، جنهن کي هن ”لبناني عوام جي هڪ حصي کي تباهه ڪرڻ جو روڊ ميپ“ قرار ڏنو۔ هن گروپ جي بنيادي مطالبن کي ورجائيندي چيو ته حزب الله رڳو مڪمل جنگبندي ۽ ڏکڻ لبنان مان اسرائيلي فوجن جي مڪمل واپسي چاهي ٿي. لبنان ۽ اسرائيل ۾ جنگبندي جي اعلان باوجود ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيل جي بمباري جاري آهي. جنهن جي جواب ۾ لبناني هٿياربند گروپ حزب الله پڻ اسرائيلي فوجن کي نشانو باڻائي رهي آهي. حزب الله موجب هنن ڊرونز ذريعي ڏکڻ لبنان جي شهر القنطا ۾ اسرائيلي فوجي گاڏين ۽ سپاهين جي هڪ گڏجاڻي کي نشانو بڻايو آهي۔ ان کان اڳ اسرائيلي سرڪاري نشرياتي اداري ڪان جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ويو هو ته حزب الله جي ويڙهاڪن ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي اترين ڪمانڊ جي سربراهه جي گاڏي تي حملو ڪيو آهي۔ ٻئي پاسي رپورٽن موجب اسرائيلي جنگي جهازن لبناني شهر ٽائر جي ڏکڻ ۾ واقع ڳوٺ المنصوري تي حملو ڪيو آهي۔ لبنان جي سرڪاري خبر ايجنسي اين اين اي موجب اسرائيل ڏکڻ لبنان جي شهر بيت ياهون تي پڻ حملو ڪيو، جڏهن ته لبايا ۾ به هڪ ٻيو حملو ڪيو ويو۔
اسپين پاران گڏيل قومن جي اڏي تي حملي جي مذمت
اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سئنچز چيو آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ گڏيل قومن جي فوج (UNIFIL) جي اڏي تي ٿيل حملي ۾ هڪ سربيائي امن فوجي مارجي ويو، جڏهن ته گڏيل قومن جي مشن سان لاڳاپيل ٻه اسپيني شهري زخمي ٿيا آهن۔ سئنچز موجب مارٽر گولو اربع جي شام ڏکڻ لبنان ۾ اسپيني بيس تي ڪريو هو. هن سوشل ميڊيا تي لکيو: ”اسان هن تشدد جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ انهن سڀني ماڻهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، جيڪي گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ امن جي حفاظت لاءِ پنهنجيون زندگيون خطري ۾ وجهن ٿا۔“ هن وڌيڪ چيو: ”اسان اميد ڪريون ٿا ته سڀئي ڌريون ڪالهه اعلان ڪيل جنگبندي تي مڪمل طور عمل ڪنديون ۽ دشمنيون ختم ٿينديون۔ امن ئي واحد مستقبل آهي۔“
آمريڪي جنگي جهاز خلاف ايران جي ڪاروائي
الجزيره ايراني ميڊيا جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته عمان لڳ ايراني پسامونڊي حدن ڏانهن وڌندڙ آمريڪي نيوي جي ڪمانڊ ۽ ڪنترول واري جنگي جهاز کي نشانو بڻايو آهي جنهن بعد آمريڪي جهاز پسپائي اختيار ڪئي آهي. وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا ويا آهن.
ايران جنگ، صدر جا اختيار محدود ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور
آمريڪا جي ايوانِ نمائندگان هڪ قرارداد منظور ڪري ورتي آهي جنهن جو مقصد صدر ٽرمپ جي ڪانگريس جي اجازت کان سواءِ ايران تي حملي ڪرڻ واري اختيار کي محدود ڪرڻ آهي۔ واشنگٽن ڊي سي ۾ اربع ڏينهن ٿيل ووٽنگ ۾ چار ريپبلڪن ميمبرن ڊيموڪريٽن سان گڏجي هن بل جي حمايت ڪئي، ۽ اهو 208 جي مقابلي ۾ 215 ووٽن سان منظور ٿي ويو۔ جيتوڻيڪ هن قرارداد جو قانون بڻجڻ ممڪن نظر نٿو اچي، پر اها ٽرمپ جي ان فيصلي تي هڪ سخت تنقيد سمجهي پئي وڃي جنهن تحت هن 28 فيبروري تي اسرائيل سان گڏجي ايران تي حملا شروع ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ جاري تڪرار ڇنڇر تي پنهنجي 100هين ڏينهن ۾ داخل ٿيندو. گذريل مهيني جي هڪ سروي موجب 60 سيڪڙو آمريڪن ٽرمپ جي جنگي پاليسي کي ناپسند ڪن ٿا، جڏهن ته مارچ ۾ اهو انگ 54 سيڪڙو هو۔ هاڻي ايوانِ نمائندگان مان منظور ٿيل جنگي اختيارن واري قرارداد سينيٽ ڏانهن موڪلي ويندي، جنهن مئي ۾ ساڳئي نوعيت جو هڪ بل اڳ ئي منظور ڪيو هو۔
اسرائيل ۽ لبنان ۾ جنگبندي تي اتفاق، 22 جون تي ٻيهر ملڻ جو اعلان
اسرائيل ۽ لبنان جنگبندي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ اتفاق ڪري ورتو آهي، جنهن جو اعلان آمريڪي پرڏيهي کاتي هڪ بيان ۾ ڪيو آهي.معاهدي موجب، ايران جي حمايت يافته هٿياربند تنظيم حزب الله طرفان حملن جي “مڪمل بندش” سميت ٻين شرطن تي عمل ضروري هوندو.هي معاهدو ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن اربع ڏينهن اسرائيلي حملن ۾ ڏکڻ لبنان ۾ گهٽ ۾ گهٽ نَوَ ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته حزب الله اتر اسرائيل ڏانهن راڪيٽ فائر ڪيا، جنهن سان اپريل ۾ ٿيل نازڪ جنگبندي جي آزمائش ٿي.بيان ۾ چيو ويو ته: “سڀني ملڪن ٻيهر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ لاڳاپن جو مستقبل ٻنهي خودمختيار حڪومتن طرفان طئي ڪيو ويندو. انهن ڪنهن به رياست يا غير رياستي ڌر جي اهڙي ڪوشش کي رد ڪيو آهي، جيڪا لبنان جي مستقبل کي يرغمال بڻائڻ چاهي.” واشنگٽن ۾ آمريڪي ثالثي هيٺ ٿيل ڳالهين جي چوٿين دور کانپوءِ ٿيل هن معاهدي تحت، ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيل جي قبضي هيٺ علائقي، جيڪو لِطاني درياهه کان سرحد تائين پکڙيل آهي، مان حزب الله جي سمورن ڪارڪنن جي نيڪالي لازمي هوندي. بيان موجب آمريڪا “پائلٽ زونز” قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، جتي لبناني هٿياربند فوج کي مڪمل اختيار حاصل هوندو ۽ غير رياستي ڌرين کي علائقي مان خارج رکيو ويندو. البته انهن زونز جي عملي طريقيڪار بابت وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا ويا. هي اعلان سومر تي ٿيل جزوي جنگبندي کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن موجب لبنان چيو هو ته اسرائيل بيروت تي بمباري کان پاسو ڪندو ۽ ان جي بدلي ۾ حزب الله اسرائيل تي حملا نه ڪندي. ٻئي ملڪ 22 جون تي ٻيهر ملاقات ڪندا ته جيئن “جامع معاهدي” تائين پهچڻ لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪري سگهجن. حزب الله هن اعلان تي اڃا تائين ڪو سرڪاري تبصرو ناهي ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو اعلان کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته کيس اميد آهي ته اهي ڳالهيون “لبنان ۾ سلامتي لاءِ اهڙو عملي منصوبو تيار ڪنديون، جيڪو حزب الله کان آزاد هجي.” ياد رهي ته 28 آڪٽوبر تي ايراني سپريم ليڊر جي قتل بعد شروع ٿيل اسرائيل لبنان جنگ ۾ 26 اسرائيلي فوجي مارجي چڪا آهن ۽ 3516 لبناني شهري مارجي ڇڪا آهن.
ايران جا امريڪا سان رابطا ختم ناهن ٿيا، عباس
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته امريڪا سان رابطا ختم ناهن ٿيا، پر ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي.لبناني چينل کي انٽرويو ڏيندي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته جيڪڏهن اسرائيل بيروت تي حملو ڪيو ته ايران فيصلاڪن جواب ڏيندو. سندس چوڻ هو ته ايران ۽ امريڪا هڪ ٻئي سان مٽايل متن جو جائزو وٺي رهيا آهن.ٻئي طرف، ايراني پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايران ڪويت جي هوائي اڏي تي حملو ناهي ڪيو. ترجمان موجب، هوائي اڏي تي تباهي ايراني ميزائل کي روڪڻ دوران امريڪي دفاعي نظام (ڊيفينس سسٽم) ۾ خرابي جي ڪري ٿي.امريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايراني پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان جي بيان جي ترديد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪويت ايئرپورٽ کي امريڪي ميزائل انٽرسيپٽر سان ڪو نقصان ناهي پهتو.ڪويت جي پرڏيهي وزارت ايران جي ڊرون ۽ ميزائل حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ايراني سفارتي عملي ۾ گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. ايراني ناظم الامور کي پرڏيهي دفتر طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻن ايراني سفارتڪارن کي ناپسنديده قرار ڏئي 24 ڪلاڪن اندر ڪويت ڇڏڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.واضح رهي ته ڪويت ايئرپورٽ تي ٿيل حملي ۾ هڪ هندستاني شهري مارجي ويو ۽ 63 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، ايراني حملي کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي ٻيهر کوليو ويو هو.
آمريڪا جي ثالثيءَ ۾ اسرائيل ۽ لبنان جنگ بنديءَ تي سھمت
آمريڪي ثالثيءَ ۾ واشنگٽن ۾ ٿيل چوٿين ٽه-ڌريان (سه فريقي) مذاڪرات کانپوءِ گڏيل پڌرنامو (اعلاميو) جاري ڪيو ويو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزارت (محڪمه خارجه) موجب، اسرائيل ۽ لبنان جنگ بنديءَ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ٻنهي ملڪن ڳالهين جو سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته اسرائيل ۽ لبنان 22 جون تي ٻيهر مذاڪرات ڪندا. آمريڪي پرڏيهي وزارت موجب، حزب الله کي حملا روڪڻا پوندا ۽ ڏاکڻو (جنوبي) ليطاني سيڪٽر خالي ڪرڻو پوندو. اتي پائلٽ زونز جوڙيا ويندا جن تي لبناني فوج جو ڪنٽرول هوندو، جڏهن ته ڪنهن به غير رياستي عنصر کي اتي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل ۽ لبنان ان عزم جو اعادو ڪيو آهي ته هڪٻئي خلاف جارحاڻا عزائم نه رکيا ويندا، ۽ اسرائيل توڙي لبنان هڪ جامع معاهدي لاءِ ضروري قدم کڻندا. ان جنگ بنديءَ جو مقصد خطي ۾ ڇڪتاڻ (ڪشيدگي) کي گهٽ ڪرڻ آهي.
آمريڪا هاڻي ايران خلاف ٻيهر جنگ نه ڪندو: صدر ٽرمپ صلاحڪارن کي ٻڌائي ڇڏيو
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي صلاحڪارن (مشيرن) کي ٻڌايو آهي ته جيستائين ايران پاران آمريڪي فوجين کي نشانو نٿو بڻايو وڃي، تيستائين ٻيهر جنگ نه ٿيندي. رپورٽ موجب، ٽرمپ انتظاميا سفارتي حل کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ هو جنگ کي وڌيڪ ڦهلائڻ نٿا چاهين.
ٽرمپ جا اختيار محدود ڪرڻ واري قرارداد منظور
ايران جنگ جي معاملي تي آمريڪي ايوانِ نمائندگان (هاؤس آف ريپريزنٽيٽوز) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا اختيار محدود ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪري ورتي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب، ايران جنگ جي حوالي سان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا اختيار محدود ڪرڻ واري قرارداد ڊيموڪريٽس پاران پيش ڪئي وئي هئي. قرارداد جي حق ۾ 215 ۽ مخالفت ۾ 208 ووٽ آيا، جڏهن ته 4 ريپبلڪن ميمبرن پڻ (پنهنجي پارٽي پاليسيءَ کان هٽي ڪري) ڊيموڪريٽس جو ساٿ ڏنو. هن قرارداد تحت، ايران خلاف ڪا به جنگي ڪارروائي آمريڪي ڪانگريس جي منظوريءَ کانسواءِ نه ٿي سگهندي.
ايران پاران آمريڪا جي نئين مسودي تي اڃا تائين جواب ناهي موڪليو ويو: ايراني ميڊيا
ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي “فارس” چيو آهي ته ايران آمريڪا جي نئين مسودي تي اڃا پنهنجو جواب ناهي موڪليو، جيڪڏهن مسودي تي اتفاق ٿي وڃي ٿو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ايم او يو تي 4 مرحلن ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو. ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي ايراني ڳالهين واري وفد جي ميڊيا ٽيم جي ميمبر جي حوالي سان چيو آهي ته ايران اهڙو ڪو به معاهدو نه ڪندو جنهن ۾ لبنان کي نظرانداز ڪيو وڃي. ايراني ميڊيا موجب، آمريڪا جي نئين مسودي تي ايران جو جواب اڃا تائين ناهي موڪليو ويو. جيڪڏهن اتفاق ٿي ويو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (اي ايم او يو) کي 4 مرحلن ۾ نافذ ڪيو ويندو. ايراني ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسلام آباد مذاڪرات جي پهرين مرحلي ۾ ناڪاميءَ جو سبب ايران پاران جوهري (نيوڪليئر) ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار هو.
ڪويت ايئرپورٽ کي آمريڪي ميزائل انٽرسيپٽر سبب ڪو نقصان ناهي پهتو: يو ايس سينٽرل ڪمانڊ پاران ايراني ڊائون جي ترديد
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) موجب، ايران جو اهو دعويٰ بالڪل غلط آهي ته هن ڪويت انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي مسافر ٽرمينل تي حملو ناهي ڪيو ۽ نقصان آمريڪي ميزائل انٽرسيپٽر (ميزائل روڪيندڙ سسٽم) جي ڪري ٿيو آهي. بيان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ايران ڄاڻي واڻي، رٿابنديءَ تحت ۽ بنا ڪنهن جواز جي ڊرونز ذريعي شهري هوائي اڏي کي نشانو بڻايو. ان سان گڏوگڏ، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ايران جي ان دعويٰ کي به ڪوڙو قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هن عمان واري سمنڊ (بحيره عمان) ۾ آمريڪي بحريه جي هڪ جنگي جهاز کي نشانو بڻايو آهي. آمريڪي فوج موجب، سمنڊ ۾ موجود آمريڪي فوجي اثاثا مڪمل طور تي محفوظ آهن ۽ هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اڏامن، بحري چرپر ۽ پنهنجي آپريشنز کي جاري رکيو پيا اچن.










