پليجو ٽنڊو حيدر جي مختلف پاڙن ۾ امدادي سامان ورهايو

پليجو ٽنڊو حيدر جي مختلف پاڙن ۾ امدادي سامان ورهايو

حيدرآباد (ن سنڌيار)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ٽنڊو حيدر جي سامي پاڙو، جمالي پاڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٻوڏ متاثرين وٽ روڊن، جھوپڙين ۽ ڪيمپن تي وڃي راشن بسڪيٽ کير جوس پيمپر پاڻي نمڪو ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون تقسيم ڪيون.اياز لطيف پليجي چيو تہ گذريل ٻن مهينن کان وٺي سڄي سنڌ پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ريسڪيو آپريشن ۽ رين ايمرجنسي رڳو تصويرن ۽ جعلي بلن تائين محدود آهي.وزير مشير، ايم اين اي، ايم پي اي، آبپاشي عملدارن، ڪامورا صرف فوٽو سيشن، بيان، آرام ۽ ٽوئيٽس ۾ مصروف آهن ڪاروبار تباھ ٿي ويا آهن خطرناڪ بيماريون پکڙجي ويون آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ھن وقت شديد مشڪلاتن ۾ آهي سڄو سنڌ ٻڏل آهي 25 ملين کان وڌيڪ ماڻهو پنھنجي گھرن مان بي گهر ٿيل آھن، بک آھي افلاس آھي، مڇر آھن، ٻڏل ماڻھو آھن، ترندڙ لاش آھن، ھر طرف برباديءَ ، تباھي، بدحاليءَ، بيچيني، ڪاوڙ غم، بغاوت ۽ ھڪ عجيب ماحول آهي جنهن ۾ ھر ماڻھو سوگوار بہ آهي ۽ سخت ناراض پڻ آهي انھن حالتن ۾جيڪي ماڻھو بھترين ڪم ڪن پيا اسان انھن کي ساراهيون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ جي ڊي سي بھترين ڪم ڪري پئي، ڪافي علائقن ۾ انھن ماڻھن جي مدد ڪئي آھي حيدرآباد ۾ بہ انھن ڪم ڪيو آهي، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ۾ بہ ظفر عباس بھترين ڪم ڪري رهيو آهي، سيلاني بھتر ڪم ڪري پيو ڪجھ علائقن ۾, فيصل ايڌي بہ آغاز ڪيو آھي ۽ پريس ڪانفرنس ڪري ڪراچيءَ ۾ متاثرن کي آباد ڪرڻ جي گھر پڻ ڪئي آهي، الخدمت فائونڊيشن، ڇيپا, دعوت اسلامي بہ بھتر ڪم ڪري پئي ۽ ٻيون تنظيمون بہ بھتر ڪم ڪري رهيون آهن اسان انهن کي ساراھيون ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي حديد، ڪاٺوڙ جي علاقي يا ملير يا بحريا ٽائون ۽ سھراب ڳوٺ جي وچ ۾ ڏھ ھزار تي ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وڃي، ۽ اھڙي طرح حيدرآباد ۽ ڄامشورو ۾ ھزار يا ٻن ھزارن تي ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وڃي، ٻہ ٽي لک ڪراچي ۽ ٻہ ٽي لک حيدرآباد ۾ خيما قائم ڪيا وڃن اھا پنھنجي صوبي، وطن عوام جي خدمت ھوندي، اسان جيڪو سامان ڏيون پيا اھو ڪجھ وقت جي استعمال جو آھي، پاڻي، جوس، کير، بسڪوٽ، دال، ٻارن ۽ عورتن جو سامان گھڻو وقت نہ استعمال ٿي سگھندا ڪپڙا جوتا کڻي ڪجھ ٽائيم وڌيڪ استعمال ڪري سگھجن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ماڻھن کي راشن ۽ دوائن جي سخت ضرورت آهي، اوھان سٺو ڪم ڪيو پيا ۽ جڏھن تہ اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جي ڊي سي، الخدمت فائونڊيشن، ڇيپا، دعوت اسلامي، سيلاني بھتر ڪم ڪن پيا پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ٻين شھرن، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ۾ بہ ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. اوليت وڏن شھرن لاءِ ھجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو