اياز امير جي پٽ شاهنواز جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

اياز امير جي پٽ شاهنواز جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ساره انعام جي قتل ڪيس جي مرڪزي جوابدار صحافي اياز امير جي پٽ شاهه نواز عامر جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.مرڪزي جوابدار شاهه نواز کي سول جج عامر عزير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مقتول جو پاسپورٽ ٻيهر ڍڪڻو آهي، جيڪو ضروري آهي، پاسپورٽ مان ئي مقتول جي سفري تاريخ معلوم ٿيندي.مدعي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ساره انعام کي شاهنواز جي گهر ۾ قتل ڪيو ويو، جيڪڏهن مقتول جو پاسپورٽ 14 ڏينهن اندر واپس نه ٿيو ته جوابدار بچي ويندا.جج رمارڪس ڏنا ته ڪيس جي جاچ خراب نه ٿيڻ گهرجي.اسلام آباد پوليس جوابدار شاهه نواز جي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.عدالت جوابدار شاهه نواز جو وڌيڪ 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو