اي ڊي بي پاران پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

اي ڊي بي پاران پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بينڪ(اي ڊي بي) پاڪستان ۾ انشورنس شعبي جي اصلاحات ۽ مالي تحفظ جي نظام کي مضبوط بنائڻ جي لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر جي پاليسي بيسڊ قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.پروگرام جو مقصد انشورنس ڪوريج ۾ اضافو، مالياتي تحفظ جي خلا کي گهٽ ڪرڻ، نجي شعبي جي شموليت کي هٿي ڏيڻ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي.تفصيل موجب اي ڊي بي طرفان منظور ڪيل انشورنس ٽرانسفارميشن پروگرام جي تحت پاڪستان جي انشورنس شعبي کي جديد خطن تي تيار ڪيو ويندو ته جيئن گهريلو صارفين، ڪاروباري ادارن، هارين ۽ سرڪاري ماليات کي موسمياتي تبديلين، قدرتي آفتن ۽ ٻين معاشي، سماجي خطرن کان بهتر تحفظ فراهم ڪري سگهجي. اميد آهي ته اهڙين اصلاحات سان مالياتي ڪمزورين ۾ گهٽتائي ايندي، بحرانن ۽ آفتن کان پوءِ بحالي جو عمل تيز هوندو ۽ قومي ناڻي تي پوندڙ مالي دٻاءُ به گهٽ ٿيندو.پاڪستان ۾ اي ڊي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين چيو ته اهو پروگرام انشورنس سيڪٽر کي روايتي ضابطه جاتي نظام مان ڪڍي جديد رسڪ، بيسڊ ۽ مارڪيٽ تي ٻڌل فريم ورڪ طرف منتقل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. انهي موجب گڏيل اصلاحات، ترقياتي منصوبن جي لاءِ ڊگهي مدي جي سرمائيڪاري کي هٿي ملندي. گهريلو ۽ ڪاروباري شعبي کي مالي تحفظ کي هٿي ملندي ۽ انشورنس مارڪيٽ کي وڌيڪ مسابقتي، جامع ۽ مضبوط بنايو ويندو.اي ڊي پي موجب پاڪستان جو مالياتي نظام هن وقت به وڏي حد تائين بينڪن سيڪٽر تي ڀاڙي ٿو جڏهن ته انشورنس جو حجم گڏيل قومي پيداوار(جي ڊي پي) جي صرف 0.7 سيڪڙو جي برابر آهي انهي جي ڪري وڏي تعداد ۾ خاندان، ڪاروباري ادارا ۽ هاري ماحولياتي صحت ۽ معاشي جهٽڪن جي مقابلي ۾ مالي طور تي غير محفوظ آهن.پروگرام جي تحت خصوصي طور تي هارين، عورتن ۽ ڪمزور طبقن جي لاءِ جامع ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي قابل انشورنس شيون متعارف ڪرايون وينديون. عورتن ۽ ٻارڙين جي ضرورتن موجب انشورنس سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي مصنوعات ڊيجيٽل پهچ ۽ منفي بنيادن تي جوڙڻ ڊيٽا جي استعمال کي هٿي ڏني ويندي ته جيئن مالي تحفظ جا موقعا وڌيڪ وسيع ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو