اي سي جو مختلف پمپن تي ڇاپو،سيل

اي سي جو مختلف پمپن تي ڇاپو،سيل

دادو(ن سنڌيار) اڳوڻي سي آئي اي انچارج افتخار جمالي جو پيٽرول پمپ غير قانوني هجڻ جو انڪشاف اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي پوليس ۽ رينجرس ساڻ ڪري پيٽرول پمپ تي ڇاپو هنيو ڇاپي دوران اڳوڻي سي آئي اي انچارج افتخار جمالي جي ڀاءِ آفتاب جمالي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوليس سان بدتميزي ۽ منهن ماري ڪئي پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ دوران مداخلت ڪرڻ تي پوليس اڳوڻي سي آئي اي انچارج افتخار جمالي جي ڀاءِ آفتاب جمالي کي گرفتار ڪري ورتو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي چيو ته انتظاميا اڳوڻي سي آئي اي انچارج افتخار جمالي جي پيٽرول پمپ کي غير قانوني هجڻ تي سيل ڪري ڇڏيو مورو روڊ ڀرسان قائم پيٽرول پمپ غير قانوني آهي منسٽري آف اينجرجي پاران غير قانوني پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ جا حڪم مليا جنهن تي سيل ڪيو آهي ايس ايڇ او اي سيڪشن اشفاق منگي چيو ته آفتاب جمالي خلاف ڊيوٽي اٽڪا جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي هن پوليس ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي گار گند پڻ ڪئي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو