غوثپور (ن سنڌيار) غوثپور ڀرسان ڪچي جي ڍنڍي واري علائقي ۾ اوڳاھي، تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻيھر جھيڙي ڪر کنيو. جھيڙي دوران ٻنھي ڌرين جي ھٿياربندن جي ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ڪئي ويئي۔ ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب علائقي ۾ خوف ۽ ھراس پکڙجي ويو۔ ٻنهي ڌرين جي ھڪٻئي مٿان فائيرنگ ۾ ھڪ ڌنار جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن۔ جڏھين ته فائيرنگ سبب تيغاڻي برادري جا چار ڍور سخت زخمي ٿي پيا۔ واقعي جو اطلاع ملڻ بعد حد جي پوليس نفري اي پي سي چئن سان واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙھي فائيرنگ بند ڪرائي۔ واضع رھي ته اوڳاھين ۽ تيغاڻين ۾ گذريل ڪجھ عرصي کان چوپائي مال جي ڦر تان جھيڙو ھلندڙ آھي ۽ ٻئي ڌريون وقفي وقفي سان ھڪ ٻئي مٿان فائيرنگ ڪنديون رھن ٿيون۔۔










