اوٻاوڙو:(ن س) اوٻاوڙو ڀرسان رائونتي جي ڪچي واري علائقي سنڌ پنجاب بارڊر ڀرسان فائرنگ، سيلرا برادري جا ٻه ڄڻا قتل، هڪ سخت زخمي ماڇڪو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ شمس سيلرو جا رهواسي سيلرا برادري جا ٻه ڀائر سڪندر سيلرو ۽ محمد سليم سيلرو موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو.اطلاع تي علائقي جا ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ هٿياربندن جي پٺيان پڻ ويا، جڏهن ته مقتولن جا لاش ۽ زخمي واقعي واري هنڌ پيل آھن، علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي آھي.










