اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کان به اهڙي ئي فيصلي جي اميد هئي.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ عمران خان جي صدارت هيٺ بني گالا ۾ مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شيخ رشيد، پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، شهزاد وسيم، اسد عمر، شيرين مزاري ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ عمران خان کي پارٽي اڳواڻن جي فيصلي تي بريفنگ ڏني وئي.ذريعن موجب عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن مان به اهڙي ئي فيصلي جي اميد هئي، موجوده اليڪشن ڪميشن پ پ جي بي ٽيم آهي، هو اليڪشن ڪميشن بابت اڳ به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري چڪو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن فيصلي بابت عمران خان جي وڪيلن سان صلاح مشورا ڪندو.عمران خان هدايت ڪئي ته جيئن ئي فيصلي جي ڪاپي ملي ته ان کي لاڳاپيل عدالت حوالي ڪيو وڃي.










