حڪومت مرضي جا جج ڀرتي ڪري عدليا تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي

حڪومت مرضي جا جج ڀرتي ڪري عدليا تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته هن حڪومت اڄ تائين ڪو قانون قاعدن موجب پاس نه ڪيو، اهي ججن جو انگ نٿا وڌائڻ چاهين پر منهنجي مرضي جا جج آڻڻ چاهين ٿا. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته هن وقت رڳو ڀارت ۾ سپريم ڪورٽ جا 33 جج آهن، اهي جج نٿا وڌائڻ چاهين پر پنهنجي مرضي جا جج آڻڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عوام جي طاقت بنا جيڪو به قانون پاس ٿيو، اهو غلط ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو