ٽنڊو باگو (رپورٽ رفاقت جروار ) 142 سال پراڻو تاريخي ڊپٽي جو انسپيڪشن بنگلو انتظامي بي ڌياني سبب زبون حال ٿي ويو بنگلي جا ڪاٺ جا ٺھيل خوبصورت تاريخي در ۽ درين سميت بنگلي جي ڇت ۾ لڳل بيلجم جا گاڊر جيڪي لکين روپين جي ماليت جا ھئا پڻ چوري ٿي ويا ھن وقت بنگلي ۾ ديون ۽ ٻين وڻن ۽ ٻوٽن جو جھنگ ٿي ويو آھي شھر جي سڄاڻ ڌرين ھن تاريخي بنگلي کي بچائڻ ۽ نيشنل ھيريٽيج ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هي تاريخي بنگلو جيڪو برطانيا دور ۾ 1878 ۾ تعمير ڪيو ويو ھن بنگلي ۾ انگريز دور ۾ ڪليڪٽر منزل ڪندو ھو جيڪو ھن بنگلي ۾ چار پنج ڏينھن رھي علائقي جي صورتحال جو جائزو وٺندو ھو. انگريز دور کان وٺي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ تائين ھي بنگلو روينيو کاتي جي ملڪيت رھندو اچي پاڪستان ٺھڻ بعد ھن بنگلي ۾ ميمبر بورڊ آف روينيو، ڪمشنر ،ڊپٽي ڪمشنر منزل انداز ٿيندا ھئا جيڪي پڻ علائقي جي صورتحال جو جائزو وٺندا ھئا. ھي بنگلو 1999تائين آباد ھو ان بعد ھي ويران ٿيڻ لڳو . ھن بنگلي م ملڪ جي اھم شخصيتن جي آمد پڻ ٿي چڪي آھي جن ۾ پرنس علي سلمان آغا خان ھاڻوڪي اسماعيلي ڪميونٽي جي روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان جو والد پرنس علي سلمان آغا خان 1946 ۾ ٽنڊو باگو ۾ آمد وقت ھن انسپيڪشن بنگلي ۾ رھائش اختيار ڪئي.

ان کانسواء شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، پير علي محمد شاه راشدي، صدر ايوب، مير علي احمد ٽالپر , مير رسول بخش ٽالپر، ممتاز علي ڀٽو، غلام مصطفي جتوئي، ڄام صادق علي، اڳوڻو سنڌ جو گورنر ايس ايم عباسي، مير ظفر الله جمالي، نجم الدين سريوال سميت سرڪاري اعلي آفيسر اچي چڪا آھن. ھتان جي شھرين پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ. روحل بيشم لھاڻا، سيد خدا ڏنو شاہ، عرفان مھدي خواجا، الستي سجاد، امير معاويه ميمڻ، عامر ميمڻ، ۽ ٻين روزانه سنڌ يار اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته هن بنگلي کي نيشنل ھيريٽيج (ثقافتي ورثي ) ۾ شامل ڪري بنگلي جي اصلي طرز تي تعمير ڪرائي ھن تاريخي بنگلي کي تحفظ ڏنو وڃي.










