مانجهند (مهراڻ عمراڻي) خاڻوٺ ويجهو لاکڙا پاور ڪالوني انڊس هاءِ وي تي ڪراچي کان پنجاپ ويندڙ ھاءِ روف ۽ سيوهڻ کان حيدرآباد طرف ويندڙ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ھاءِ روف سوار هڪ ئي خاندان جا ڀاتي مسمات شازيا زال عامر پنجاپي سندس پٽ زيد، حقاص، ايان. ڪار سوار سيوهڻ واسي حافظ حسين پهنور، محمد ياسين پهنور، طيب پهنور شامل آھن جن کي مقامي ماڻھن لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو. خاڻوٺ پوليس ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.










