انٽرويو پاس ڪندڙ نوجوانن کي آفر آرڊر ورهاويا

انٽرويو پاس ڪندڙ نوجوانن کي آفر آرڊر ورهاويا

ميرپورماٿيلو(رپورٽ ظھير وسير ) ميرپورماٿيلو ٽيچرز جي نوڪرين لاء انٽرويو پاس ڪندڙ ڏھرڪي ۽ خانگڙھ تعلقن جي ھڪ سئو 78 پرائمري استادن ميل ۽ فيميل کي ھائي اسڪول ميرپورماٿيلو ۾ آفر آرڊر ڏنا ويا، پروگرام ۾ صوبائي وزير اينٽي ڪرپشن بنگل خان مھر، پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جي صدر ميربابرعلي خان لنڊ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ورڪر وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ٽيچرز جي نوڪرين لاء انٽرويو پاس ڪندڙ ڏھرڪي ۽ خانگڙھ تعلقن جي ھڪ سئو 78 پرائمري استادن ميل ۽ فيميل کي ھائي اسڪول ميرپورماٿيلو ۾ آفر آرڊر ڏنا ويا، پروگرام ۾ صوبائي وزير اينٽي ڪرپشن انڪوائري ۽ جنگلي جيوت بنگل خان مھر، پاکستان پیپلز پارٽي گھوٽڪي جي صدر مير بابر خان لُنڊ، ڊائريڪٽر تعليم سيڪنڊري سکر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، ڊائريڪٽر تعليم پرائمري سکر محمد حاجي ٻرڙو پاڪستان پيپلزپارٽي ميرپور ماٿيلو سٽي صدر اختيار ڪلوڙ سٽي جنرل سيڪريٽري عبدالغفار وسير محمد علي شيخ صفت گبول عابد ميراڻي ۽ گھوٽڪي ضلعي جي پنجن ئي تعلقن جي ٽي اي اوز، استادن ۽ شھرين شرڪت ڪئي ان موقعي تي پھرين مرحلي ۾ خانڳڙھ شريف تعلقي ۽ ڏھرڪي تعلقي جي ھڪ سئو 78 پرائمري استادن کي آفر آرڊر ڏنا ويا جن ۾ 9 عورت ٽيچر پڻ شامل آھن..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو