انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿي ويو

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 284 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 92 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان سامهون اچي رهيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 190 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 653 تي پهچي ويو.ڪالهه 100 انڊيڪس 41,463 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو