انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر سستو ٿي ويو

انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر سستو ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ گذريل ڏينهن جي واڌ کانپوءِ اڄ جي ڪاروبار دوران قدري سستو ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 12 پئسا سستو ٿيڻ بعد 285 رپيا 50 پئسا ٿي ويو. ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 62 پئسا تي بند ٿيو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 81 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 533 تي پهچي ويو. ڪالهه 100 انڊيڪس 41,442 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو