ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي قدر برقرار نه رهي، پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.اڄ صبح ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ٽريڊ شروع ٿيڻ تي آمريڪي ڊالر 68 پئسا وڌي 235 رپيا ٿي ويو.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي مثبت شروعات
ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات مثبت انداز ۾ ٿي آهي.پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس 131 پوائنٽس وڌي 42,143 تي پهچي ويو.










