ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسٽس سيد نديم اختر ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ سڌ سماءَ واري کاتي ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بنا 42 انفارميشن آفيسر ڀرتي ڪرڻ خلاف داخل ڪيل آئيني درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، سڌ سماءَ واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ٻن هفتن ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪوثر نور پاران داخل ڪيل آئيني درخواست جي ابتدائي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت مبينا طور غير قانوني طور ڀرتي ڄاڻايل اميدوارن کي پڻ نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ درخواستگذار جي وڪيل منصور الحق سولنگي ۽ امتياز سولنگي پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار آگسٽ 2011ع ۾ غير مقبول اخبارن ۾ اشتهار ڏئي 17هين گريڊ ۾ انفارميشن آفيسر طور مقرري لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون، اشتهار ۾ اميدوارن وٽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽرز جي ڊگري هجڻ لازم هو پر بعد ۾ 2 نومبر 2012ع ۾ هڪ ٻي اخبار ۾ اشتهار ڏئي انفارميشن آفيسر طور مقرري لاءِ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم اي وارو شرط ختم ڪري سوشل سائنس ۾ ايم اي جو شرط رکيو ويو جنهن موجب اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ بعد ميرٽ جي لتاڙ ڪندي اعجاز کوکر ولد رمضان کوکر، عامر رضا ولد نظر حسين شاهه، شڪيل حق ميمڻ ولد عبدالحق ميمڻ، ڪينجهر فياض زال فياض علي عباسي، سڪندر علي ولد حاجي کيڙو ملڪ، عدنان خان ولد محمد ملوڪ جاگيراڻي، عباس علي شاهه ولد نور حسين شاهه، صابن فاروق ڌي محمد فاروق، عبدالقيوم سولنگي ولد فيض محمد سولنگي، الها علي ولد عابد علي ڏيٿو، محسن حسين ولد زاهد حسين، غلام مصطفيٰ شاهه ولد خير شاهه بخاري، علي احمد ولد غلام محمد، ڪامران احمد ولد حاجي محمد ڦلپوٽو، علي مراد پتافي ولد حاجي شفيع محمد پتافي، رحيم بخش ولد عبدالڪريم بروهي، شبير علي ولد اصغر علي، ساجد علي قريشي ولد عبدالعزيز قريشي، وحيد الله ميتلو ولد محمد پنجل ميتلو، نواز علي عرف دانش ميمڻ ولد بشارت علي ميمڻ، شارخ علي شاهه ولد جاويد علي شاهه، سرفراز سمون ولد محمد سمون، شرمين خان ڌي محمد شفيق خان، حسن لطيف ولد ظفر اقبال، امداد علي ولد فيض محمد، سيد اعجاز رسول ولد رسول بخش شاهه، ذيشان علي ولد قمبر علي لغاري، جان محمد ولد محمد حسن ڳورڙ، آصف علي ڏيرو ولد اشرف علي ڏيرو، غلام رضا ولد محمد هاشم ڀٽي، محمد حسين ولد مخدوم عبدالرحيم، عبدالوهاب ولد نظير احمد ڏهر، جاويد حسين مهر ولد هوت خان مهر، معراج احمد ولد سراج احمد سامٽيو، زبير احمد ميمڻ ولد عبدالرحيم ميمڻ، لياقت علي ولد محمد يعقوب جمالي، عرفان علي ولد نور محمد سميت 37 اميدوارن کي انفارميشن آفيسر طور مقرر ڪري ڇڏيو جيڪو قانون جي خلاف آهي ڇاڪاڻ ته 17 هين گريڊ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارش تحت مقرري ٿيڻ گهرجي پر ڪميشن کي باءِ پاس ڪري ڄاڻايل آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ پڻ ڄاڻايل آفيسرن جي پگهارن وارن بل تي اعتراض ڪندي ان کي واپس ڪري ڇڏيو هو ته ڄاڻايل آفيسرن کي سنڌ بئنڪ جي ذريعي سڌي ريت پگهار ڏني وئي آهي جيڪو پڻ قانون جي خلاف آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ سرڪار پاران 28 جنوري 2013ع تي قانون ۽ ميرٽ جي خلاف ورزي ڪندي ڄاڻايل 37 انفارميشن آفيسرن جي مقرري کي قانون جي خلاف قرار ڏئي کين برطرف ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ ڄاڻايل عهدن تي قانون ۽ قائدن موجب نئين سر ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.










