مٺي(ن س) جڳديش ڪالوني واري ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ امر پريتم سوراڻي جي ياد ۾ هڪ ڏينهن جو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف ٽيمن دراني اليون،صادق فقير اليون، امر نريش جونيئر،شاهين اسٽار ڊيزرٽ اليون، امر پريتم اليون،چيلهار اليون ۽ چوهاڻ اليون سميت اٺ ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ کي آرگنائيز امر پريتم اليون جي رانديگرنڀيشم ڀيماڻي، جڳديش سوٽهڙ سهيل اگراڻي، سنيل راٺوڙ، جي پي اگراڻي،هريش ۽ ٻين ڪيو ، جڏهن ته ٽورناميٽ جي فائنل ميچ صادق فقير اليون کٽي ورتو. راند جي آخر ۾ کٽيل ٽيم جي ڪپتان بابراعظم کي ٽرافي ڏني ويئي جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن حصو وٺندڙ رانديگرين ۽ مين آف دي ميچ ۽ بهترين بالرن بيٽسيمن کي ڪيش انعام ڏنا ۽ ٽرافيون پڻ ورهايون. ميچ ۾ ونود ڌاراڻي، سباش لکي سنديپ راٺوڙ، منوج شرما ۽ ٻين نوجوان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










