نوشهروفيروز( مشتاق حسين مري) سنڌ پوليس ۾ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ لاءِ اين ٽي ايس ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ اميدوار اختر شعيب، محمد حبيب شاهه، پرويز علي مري، ذيشان شاهه ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 2017 ۾ اسان 1504 مردن ۽ 250 عورتن اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي ٽيسٽ ڏني ۽ انٽرويو پاس ڪيو ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪندڙن بجاءِ من پسند ماڻهن ۽ پوليس ۾ اڳواٽ نوڪري ڪندڙ اهلڪارن جي اولاد کي ٽاپ تي رکي انٽرويو پاس ڪندڙ 1045 مردن ۽ 200 ڇوڪرين کي گهرايو ويو باقي 459 مرد ۽ 200 عورتن کي ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو. هنن چيو ته اڍائي سال گذري وڃڻ باوجود اسان کي ويٽنگ لسٽ ۾ رکڻ ناانصافي آهي اسان ڏينهن رات محنت ڪري اين ٽي ايس ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪيو آهي ۽ اسان غريب گهراڻن سان تعلق رکندڙ اميدوارن کي نوڪري نه ڏيڻ سراسر زيادتي آهي ۽ هن مهل تائين روزگار لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهيون. هنن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ٽيسٽ پاس اميدوارن کي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ ۾ نوڪري ڏئي ڪري پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.










