ٽنڊو محمد خان )ن سنڌيار)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ووٽر لسٽن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو جاري آهي. ٽنڊو محمد خان ضلعي اندر 120 ڊسپلي سينٽر قائم ڪري غير حتمي ووٽر لسٽون شايع ڪيون ويون آهن. جتي عوام پنهنجي ووٽ جي درستگي ڪرائي سگهن ٿا. ضلعي اليڪشن ڪمشنر احمد نديم شيخ ٽنڊو محمد خان ميونسپل ڪميٽي ۾ قائم ڪيل مختلف ڊسپلي سينٽرن جو دورو ڪيو. دوري دوران صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ضلعي اليڪشن ڪمشنر احمد نديم شيخ جو چوڻ هو ته ڊسپلي سينٽرن تي هر علائقي جون غير حتمي ووٽ لسٽون شايع ڪيون ويون آهن. جتي ڪو به ووٽر پنهنجي ووٽ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪا به درستگي درڪار آهي ته ڊسپلي سينٽر تي موجود عملي جي مدد سان فارم ڀري صحيح ڪرائي سگهجي ٿو. ان کان اڳ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تمام ڊسپلي سينٽرن تي مقرر ڪيل عملي جي ٽريننگ مقرر ڪئي وئي هئي. هن جو چوڻ هو ته ووٽر لسٽن جي مرحليوار ڇنڊڇاڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميداري آهي. مختلف وقتن تي ووٽر لسٽن کي اپڊيٽ رکڻ لاءِ اهو سلسلو شروع ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ڊسپلي سينٽر تي ايندڙ ووٽرن سان مڪمل تعاون ڪري فارم ڀرڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته ان سموري عمل جي مڪمل نگراني ذاتي طور تي ڪئي ويندي. ان حوالي سان علاقائي سطع تي ان عمل جي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن جهر جهنگ تائين رهندڙ هر ووٽر کي ان ۾ عمل ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ هر ووٽر پنهنجي ووٽ کي صحيح جڳهه تي داخل ڪرائي سگهي.










