پي ٽي آئي جا ممنوع فنڊ ضبط ڪرڻ جو شوڪاز نوٽيس جاري،جواب طلب

پي ٽي آئي جا ممنوع فنڊ ضبط ڪرڻ جو شوڪاز نوٽيس جاري،جواب طلب

اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي پابندي مڙهيل فنڊنگ ضبط ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ عمران خان پاران 5 آگسٽ تي شوڪاز جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ کي ممنوع ذريعن کان چندو ملي ٿو، رياست طرفان توهان جي ممنوع فنڊنگ ڇو ضبط ڪئي وئي، 23 آگسٽ جي صبح 10 وڳي کان اڳ وضاحت ڪئي وڃي.نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ عارف نقوي جي ملڪيت واري ووٽن ڪرڪيٽ لميٽيڊ کان ڄاڻي واڻي 2.1 ملين ڊالر وصول ڪيا، پي ٽي آءِ برسٽل انجنيئرنگ سروسز يو اي اي، اي پلانٽ ٽرسٽيز کان عطيو وصول ڪيو، پي ٽي آءِ آمريڪي ايل سيز کان عطيو وصول ڪيو، ڀارتي نژاد روميتا شيٽي کان عطيو وصول ڪيو. . متن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ 16 بئنڪ اڪائونٽس لڪايا، پي ٽي آءِ چيئرمين جو 2008 کان 2013 تائين جمع ڪرايل فارم ون غلط هو.

پهنجو تبصرو موڪليو