اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي الزامن تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي.عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته غداري جا فتوا ڏيڻ سان ڪو ادارو غدار نٿو بڻجي.ترجمان چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي بي بنياد الزام هنيا، اليڪشن ڪميشن سمورا فيصلا آئين ۽ قانون موجب ڪندي رهندي ۽ ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندي.ساهيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن چورن ۽ لٽيرن کي بي نقاب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.










