اليڪشن ڪميشن تي جانبداري جو الزام، پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي

اليڪشن ڪميشن تي جانبداري جو الزام، پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن (اي سي) خلاف مبينه جانبداري واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهرمن الله اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست ردِ عدالت جي اپيل کي گڏ ڪندي اڄ ٻڌڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڪياني وڪيلن انور منصور خان ۽ شاهه خاور ايڊووڪيٽ ذريعي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ڪندي غير جانبداري سان ڪم ڪري رهي آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي اڪائونٽن وانگر 17 سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي 17 سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ اسٽيٽ بينڪ کي هدايت ڪئي وڃي ته سمورين سياسي پارٽين جي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. درخواستگذار شاهه خاور چيو ته پي ٽي آءِ ڪجهه اڪائونٽس جي جاچ کي منهن ڏئي رهي آهي، فرخ حبيب ن ليگ ۽ پ پ خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، سندس ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ سست آهي. شاهه خاور ايڊووڪيٽ چيو ته پي ٽي آءِ کي ٻين کان ڌار ڪري اسان جون ڳالهيون اجاگر ڪيون پيون وڃن. اها اپيل اڄ به التوا ۾ آهي. عدالت چيو ته انٽر ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڊويزن بينچ ڪري رهي آهي، اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو