الله ڏنو ڀيو جي بريت خلاف نيب جي اپيل رد

الله ڏنو ڀيو جي بريت خلاف نيب جي اپيل رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ايم پي اي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار الله ڏنو خان ڀيو جي بريت خلاف نيب جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي.عدالت ريمارڪس ڏنا ته نيب احتساب عدالت جي فيصلي ۾ ڪا به قانوني غلطي ثابت نه ڪري سگهيو، نيب پراسيڪيوٽر فيصلي جي صرف هڪ پيراگراف ۾ نمبرنگ جي غلطي جي نشاندهي ڪري سگهيو، متن، ثبوت يا قانوني تشريح ۾ ڪا به غلطي نه ملي، عدالت فيصلو ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن موجب، احتساب عدالت جي فيصلي ۾ مداخلت ڪرڻ جو ڪو به سبب ناهي، نيب عدالت کي ٻڌايو ته الله ڏنو خان ڀيو تي ٺيڪيدارن کان 48 ملين رپيا وصول ڪرڻ جو الزام هو، جنهن لاءِ کيس ناکافي ثبوتن جي بنياد تي بري ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو