اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گهرو کاتي چئني صوبائي حڪومتن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته هلندڙ سال 30 جون تي افغان پناهگيرن کي جاري ڪيل عارضي ڪارڊن (پروف آف رجسٽريشن ڪارڊ) جي مدت ختم ٿيڻ بعد کين غير ضروري طور تي تنگ نه ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري سان مشورو ڪري رهي آهي ۽ ٻن سالن لاءِ افعان پناهگيرن جي ڪارڊن جو مدو وڌائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. افغان پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي اداري جي انگن اکرن موجب 37 لک افغاني پاڪستان ۾ رهن ٿا جن مان 13 لک پناهگيرن رڳو ڪارڊ ٺهرايا هئا. گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ 2 سال اڳ اقتدار تي ڪيل طالبان جي قبضي بعد مڙهيل پابندين، جن ۾ عورتن جي تعليم، ڪاروبار تي بندش لڳائڻ بعد 6 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير پاڪستان آيا آهن سندن پاڪستان ۾ تعداد 40 لک کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. ياد رهي ته پهريون ڀيرو افغان مهاجرن کي 2006 ۾ هي ڪارڊ جاري ڪيا ويا هئا ۽ آخري ڀيرو 2021 ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪئي وئي هئي جيڪا 30 جون 2023 تي ختم ٿي وئي آهي. پاڪستان جي فارينر ايڪٽ 1946 موجب ڪارڊ رکندڙ افعاني پاڪستان ۾ ملازمت ڪرڻ ، تعليمي ادارن ۾ داخلا ۽ بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ ڪاروبار جا اهل آهن.










