گهوٽڪي(ن س) گهوٽڪي جي هڪ نجي اسپتال مان اغوا ٿيل نئين ڄاول ٻارڙي پوليس بازياب ڪرائي وارٿن حوالي ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري گهريلو ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ اغوا ٿي ۽ اغوا ڪندڙ سندس مامو هو. گهوٽڪي جي پير ناري شاهه درگاهه تان ٻارڙي بازياب ڪرائي وئي. پوليس ٻارڙي سندس والد زوهيب جي حوالي ڪئي، والدين بي حد خوش ٿيا ۽ گهر ۾ جشن جو ماحول آهي. واضح رهي ته ٻارڙي جي اغوا بعد پوليس بسم الله اسپتال جي ٻن نرسن سميت چئن ملازمن کي حراست ۾ ورتو هو ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سندن ٽن ڏينهن جو ڇنڇر تي رمانڊ ورتو هو.
مشهور خبرون










