غوثپور (ن سنڌيار) فالو اپ شھر ڀرسان ٻھ ھفتا اڳ ڳوٺ غلام قادر شيخ مان اغوا ٿيل پورھيت رحيم بخش شيخ ۽ ڳوٺ الاھي بخش مان اغوا ٿيل مڇي فارم جو چوڪيدار ڪوڙو شيخ کي حد جي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام۔ متاثر عيد جون خوشين کان به محروم رھجي ويا گھرن ۾ ڪھرام متل۔ وڌيڪ مليل معلومات موجب شھر ۽ ڀرپاسي مان ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ٿيل ٻھ مغوي حد جي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويئي آھي۔ مغوين جي وارثن غم ۽ ڏک ۾ ھن ڀيري عيد به ملھائي نه سگھيا۔ توڙي جو مغوين جي وارثن ٽي ڀيرا پاڪ ڪتاب ھٿن ۾ کڻي پوليس جي سست رويئي خلاف ميڊيا آڏو احتجاج به ڪيا آھن پر حد جي پوليس ٻھ ھفته گذرڻ بعد به ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي۔ نه ئي ڪا ڏوھارين خلاف ڪاروائي نظر اچي رھي آھي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آھي۔ ٻئي پاسي مغوين جي وارثن آدم شيخ۔ عبدالغني شيخ۔ مسمات رازل خاتون۔ شفيع محمد ۽ ٻين آ۽ جي سنڌ۔ ڊي آ۽ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ کان مطالبو ڪيو آھي ته اسانجا پورھيت ڌاڙيلن جي چنبن مان ترت رھا ڪري اسانکي انصاف ڏنو وڃي۔










