اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ اعظم سواتي جي ٽرائل بابت اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي جي درخواست منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عامر فاروق تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ اعظم سواتي جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران اعظم سواتي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي دليل ڏيندي چيو ته اعظم سواتي هڪ ڀيرو ٻيهر ادارن بابت تڪراري ڳالهيون ڪيون آهن.اسپيشل پراسيڪيوٽر عدالت ۾ تڪراري گفتگو جي ٽرانسڪرپٽ جو ڪجهه حصو پڙهي ٻڌايو.عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل ڪهڙي مرحلي تي آهي؟ اسپيشل پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته اعظم سواتي تي اڃا فرد جرم لاڳو ٿيڻو آهي، هو ضمانت جو غلط استعمال ڪري رهيو آهي.عدالت کيس هدايت ڪئي ته هاڻي ان طرف نه وڃو، ٽرائل جلد مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيو.اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي درخواست ڪئي ته مختصر تاريخ ڏني وڃي، عدالت کي ٽرائل بابت آگاهه ڪندس.عدالت اعظم سواتي جي ٽرائل بابت اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي جي مهلت جي درخواست منظور ڪري ورتي.










