اعظم سواتي جي 8 ڪيسن ۾ گرفتاري بعد ضمانت منظور

اعظم سواتي جي 8 ڪيسن ۾ گرفتاري بعد ضمانت منظور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي گرفتاري کانپوءِ 8 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڊي چوڪ احتجاج ۾ مالي سهڪار جي ڪيس ۾ اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پراسيڪيوٽر راجا نويد ۽ اعظم سواتي جو وڪيل سهيل ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا، پراسيڪيوٽر راجا نويد اعظم سواتي جي ضمانت جي مخالفت ڪئي.عدالت اعظم سواتي جي 20 لک 20 هزار مچلڪن عيوض 8 ڪيسن ۾ گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو