ٽنڊوباگو (ن سنڌيار) ڏيئي لڳ ڳوٺ ميڻان تعلقو ٽنڊو باگو ضلع بدين جو 60 سال پراڻو اسڪول بوائز پرائمري اسڪول ميڻان جي عمارت وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي دور ۾ ملي هئي جنهن جي مرمت 2001ع ۾ ٿي ۽ ان کانپوء 2011ع جي مها ٻوڏ ۾ هي عمارت مڪمل تباه ٿي وئي جنهن کانپوء هن ڳوٺ جي ڳوٺاڻن ۽ شاگردن مسلسل مختلف وقتن تي احتجاج ڪيا آهن ۽ چونڊيل نمائندن کي درخواستون به ڏنيون آهن پر هي اسڪول عمارت بنا هلي پيو جنهن ۾ ٻه استاد فرنيچر، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ انيڪ مسئلن باوجود 180 ٻارڙن کي تعليم ڏين پيا هتان جي رهواسين مهراڻ درس، رمضان درس، ممتاز ابڙو، مورو مل شاگردن سڪينه درس، صالح ميمڻ، رميش ميگهواڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي گهر ڪئي آهي ته اسڪول کي عمارت ڏئي اسان جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي.










