مانجهند (مهراڻ عمراڻي) پرائمري ڪميونٽي اسڪول شالماڻي جي ڪمري جا چاپڙ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ لونڱ خان برھماڻي جا ٻه ٻارڙا پنجين ڪلاس خالد برهماڻي الهداد برهماڻي زخمي ٿي پيا جن کي وارثن مقامي ڊسپينسري مان ملم پٽي ڪرائي اسڪول عمارت جي مرمت نه ٿيڻ خلاف شاگردن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن نياز محمد برهماڻي، عبدالحڪيم برهماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي عمارت جي مرمت لاءِ مليل 30 لک کان وڌيڪ بجيٽ ملڻ باوجود ٺيڪيدار اڌ ۾ ڪم ڇڏي وڏي عرصي کان غائب ٿي ويو آھي جنهن سبب ٻارڙا عارضي طور پراڻي ڪميونٽي اسڪول عمارت ۾ تعليم پرائين ٿا جيڪا زبون ٿيل آھي ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي جنهن سبب سندن ڪيترائي ٻارڙا خوف مان اسڪول نه ٿا وڃن ۽ سندن تعليم سخت متاثر ٿي رهي آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ٺيڪيدار کي پابند ڪري معصومن جي زندگي بچائي وڃي.










