لمائن يمل جي شاندار راند کان متاثر ٿي اسپين گروپ H جي ميچ ۾ سعودي عرب کي 4-0 تان آساني سان شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن ته مائيڪل اويارزابال ٻه گول ڪري پنهنجي ساک بحال ڪئي ۽ ڪوچ لوئس دي لا فونٽي جي ٽيم ورلڊ ڪپ جي مايوس ڪندڙ شروعات کان پوءِ پنهنجي اصل رنگ ۾ نظر آئي.
آچر تي ٿيل ميچ ۾ يمل 10هين منٽ ۾ پهريون گول ڪيو، جڏهن ته اويارزابال، جيڪو گذريل سومر ڪيپ وردا خلاف بنا گولن واري برابري واري ميچ جي پهرين اڌ ڪلاڪ دوران هڪ به بال کي ٽچ نه ڪيو هو، هن ميچ ۾ تيزي سان ٻه گول ڪري ڇڏيا. نتيجي طور اسپين هاف ٽائيم کان اڳ ئي ميچ جو فيصلو پنهنجي حق ۾ ڪري ڇڏيو.
وقفِي کان ٿوري دير پوءِ سعودي عرب جي هڪ خود گول (اون گول) اسپين جي برتري کي 4-0 تائين پهچائي ڇڏيو. ان کان پوءِ اسپين موقعو استعمال ڪندي پنهنجي اهم رانديگرن کي آرام ڏنو ۽ تبديليون ڪيون.
ڊي لا فوئنٽي پنهنجي 65هين سالگرهه جو جشن به وڏي انداز ۾ ملهايو، جڏهن ته يمل، جنهن گذريل ٻن مهينن دوران رڳو ڪيپ ورڊي خلاف متبادل رانديگر طور راند ڪئي هئي، ائٽلانٽا اسٽيڊيم ۾ موٽندڙ اسپين جي ٽيم ۾ نئون جوش ڀري ڇڏيو.
يامال يا يمل جي پهرين بال ٽچ تي اسٽيڊيم ۾ موجود مداحن طرفان زبردست تاڙيون وڄايون ويون. هن پنهنجي ڊفينڊرکي وڏي چالاڪي سان چڪما ڏئي هڪ خطرناڪ ڪراس ڏنو، جيڪو عبدالله ال عمري ڪليئر ڪيو. ال عمري اهو ئي رانديگر آهي جنهن سعودي عرب جو واحد گول يوراگوئي خلاف 1-1 واري ميچ ۾ ڪيو هو.
اسپين جو پهريون گول تڏهن ٿيو جڏهن اويارزابال باڪس ۾ شاندار پاس ڏنو ۽ يامال پوئين پوسٽ تي پهچي سلائيڊ ڪندي بال کي نيٽ ۾ موڪلي پنهنجي ورلڊ ڪپ ڪيريئر جو پهريون گول ڪيو.
شروعاتي ميچ ۾ ڏکيائيون برداشت ڪرڻ کان پوءِ اسپين هن گول کان پوءِ وڌيڪ پراعتماد ٿي ويو ۽ سعودي دفاع کي بار بار ٽوڙڻ لڳو. ٻيو گول ڪارنر ڪڪ تان ٿيو.
داني اولمو بال ٻيهر باڪس ۾ موڪلي، سعودي رانديگر ان کي صاف نه ڪري سگهيا، جنهن کان پوءِ Aymeric Laporte هيڊر سان بال اويارزابال ڏانهن موڪليو، جنهن آساني سان گول ڪري ڇڏيو.
صرف ٽي منٽ پوءِ اسپين هڪ ٻيو خوبصورت ٽيم گول ڪيو، پيڊرو پورو باڪس ۾ شاندار پاس ڏنو، ۽ بال زمين کي ڇهڻ کان سواءِ نيٽ تائين پهتو.
مارڪ ڪڪوريلا جي هوشيار پاس تي اولمو هيڊر ذريعي بال ڇهن يارڊن واري علائقي ۾ موڪليو، جتي اويارزابال والي شاٽ ذريعي گول ڪري ثابت ڪيو ته مناسب سپورٽ ملڻ تي هو اسپين لاءِ انتهائي ڪارآمد اسٽرائيڪر آهي.
ٻئي هاف جي شروعات ۾ اسپين يامال ۽ اويارزابال کي ميدان کان ٻاهر ويهاريو، پر ٽيم ساڳئي رفتار سان راند جاري رکي. سعودي گول ڪيپر ڪارنر تان ڪڪوريلا جي والي روڪي ورتي، پر بال ڊفينڊر حسن التمباڪتي سان ٽڪرائجي نيٽ ۾ هلي ويو.
يورپي چيمپيئنز وڌيڪ موقعا پيدا ڪندا رهيا، پر وڏي برتري سبب راند جي رفتار ڪجهه گهٽائي ڇڏي. اسپين جي موجوده فارم اهڙي هئي جو شايد ڪيپ ورڊي جو 40 ورهين جو مشهور گول ڪيپر ووزنها به هنن جي حملن کي روڪڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري ها.
هن فتح سان اسپين چار پوائنٽن سان گروپ ۾ مضبوط پوزيشن حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته سعودي عرب ٻن ميچن کان پوءِ صرف هڪ پوائنٽ تي برقرار آهي. گروپ جون ٻيون ٽيمون، ڪيپ ورڊي ۽ يوراگوئي، آچر تي دير سان ميامي ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
ميچ کان پوءِ اويارزابال چيو ته هو فتح ۽ پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي خوش آهي، خاص طور تي ڪيپ ورڊي خلاف سندس راند تي ٿيندڙ تنقيد کان پوءِ.
هن چيو: “هي پاڻ کي ثابت ڪرڻ بابت ناهي. مان هميشه چوندو رهيو آهيان ته مون کي پنهنجي ساٿين، ڪوچ ۽ ٽيم جي عملي کان محبت ۽ حمايت ملي ٿي. منهنجي لاءِ اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اهم آهي.”
هن وڌيڪ چيو: “ٻاهران ماڻهو ڳالهيون ڪندا رهندا. اسان ڄاڻون ٿا ته فٽبال جي دنيا ڪيئن ڪم ڪري ٿي، پر اسان کي پرسڪون رهڻو پوندو.”
نوجوان يامال پنهنجي پهرين ورلڊ ڪپ گول بابت چيو: “هي هڪ خواب وانگر آهي. گذريل ورلڊ ڪپ دوران مان ڪلاس روم ۾ ويهي ميچون ڏسي رهيو هوس، ۽ اڄ هتي پنهنجي ماءُ ۽ خاندان جي موجودگيءَ ۾ گول ڪرڻ منهنجي خواب جي تعبير آهي.”










