ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪاروبار ۾ تيزيءَ سبب اسٽاڪ مارڪيٽ گذريل 6 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) 100 انڊيڪس 634 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 49300 جي سطح تي پهچي ويو آهي. هنڊريڊ انڊيڪس گذريل 5 ڪاروباري هفتن دوران 8000 پوائنٽس يا 20% کان وڌيڪ حاصل ڪري چڪو آهي.










