ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ معمولي تيزي کانپوءِ مندي ڇانئجي وئي، جنهن جي ڪري هنڊريڊ انڊيڪس منفي زون ۾ بند ٿيو. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي رڪارڊ ڪئي وئي، 701 پوائنٽس جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 1 لک 80 هزار 272 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.تنهن هوندي، ٽريڊنگ دوران اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اچانڪ مندي ڇانئجي وئي جيڪا ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تائين برقرار رهي، جنهن جي ڪري هنڊريڊ انڊيڪس 1156 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 1 لک 78 هزار 414 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ 32 ارب 80 ڪروڙ 52 لک 92 هزار 603 رپين جي ماليت جي 33 ڪروڙ 9 لک 73 هزار 304 شيئرز جي ڏي وٺ ٿي. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 1 لک 79 هزار 571 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.










