اسلام آباد(بيورو) حڪومت پارليامينٽ ميمبرن ۽ بيوروڪريسي جي اثاثن جا تفصيل عوام تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان حوالي سان پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ (LOI) معاهدو ٿي ويو آهي جنهن تحت پارليامينٽ ميمبرن ۽ بيوروڪريسي جي اثاثن جا تفصيل عوام تائين پهچايا ويندا.ايل او آءِ موجب بيوروڪريسي جي پرڏيهه ۾ موجود اثاثن جا تفصيل به فراهم ڪيا ويندا، شفافيت ۽ احتساب لاءِ اليڪٽرانڪ اثاثن جي اعلان جو نظام قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته بيوروڪريسي جي پرڏيهه ۾ موجود منقول ۽ غير منقوله اثاثن کي به عام ڪيو ويندو.ايل او آءِ موجب گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي زالن ۽ ٻارن جي اثاثن جا تفصيل به ڏنا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ان معاهدي سان شهرين کي پارليامينٽ جي ميمبرن جي اثاثن جي ڊڪليئريشن تائين رسائي حاصل ٿيندي، جڏهن ته پرڏيهه ۾ اثاثا لڪائڻ وارن بيوروڪريٽس خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.










