اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد ۾ ڊينگي سبب هڪ ٻيو شخص فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هلندڙ سال وفاقي راڄڌاني ۾ ڊينگي سبب فوتين جو انگ 6 ٿي ويو آهي.ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) ڊاڪٽر زعيم ضياءَ جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن ڊينگي جا 104 ڪيس سامهون آيا هئا.ڊاڪٽر زعيم ضياءَ چيو آهي ته اسلام آباد ۾ هلندڙ سال ڊينگي جي مريضن جو انگ 1923 ٿي ويو آهي.










