اسلام آباد ۾ بدامني ڏوهن جي شرح وڌي وئي هفتي ۾ پنج قتل

اسلام آباد ۾ بدامني ڏوهن جي شرح وڌي وئي هفتي ۾ پنج قتل

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪجهه ڏينهن دوران بدامني وڌي وئي آهي مختلف واقعن ۾ پنج ڄڻا قتل ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ فائرنگ کان علاوه چوري، ڦر ۽ ٻين واقعن ۾ اوچتو واڌ ٿي وئي آهي ۽ هڪ هفتي ۾ ئي ڏوهه جي شرح غير معمولي حد تائين وڌي وئي آهي. 28 ڊسمبر تي هٿياربندن ايف 10 مرڪز ۾ حساس اداري جي ملازم کان ڦر جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڳجهي اداري جي ملازم کي قتل ڪري ڇڏيو. 29 ڊسمبر تي جي 10 فور ۾ گهر جي ٻاهران بيٺل شخص کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ويو.29 ڊسمبر تي هٿياربندن زيورن جي دڪان ٻاهران ڏينهن ڏٺي جو انڌاڌنڏ گوليون هلايون جنهن سبب سيڪيورٽي گارڊ زخمي ٿي پيو. 30 ڊسمبر تي سبزي منڊي ۽ شمس ڪالوين ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن 2 ٽرڪ ڊرائيورن کي ڦر جي نيت سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽرڪ جي نه رڪجڻ تي هٿياربندن غريب ڊرائيور کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پهرين  جنوري جي رات اسلام اباد پوليس جي اي ٽي ايس اهلڪارن گاڏي نه روڪڻ  تي شاگرد اسامه نديم کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. وفاقي گادي واري شهر ۾ هلندڙ هفتي چوريون، ڦر ۽ موبائيل فون ڦرڻ جا به ڪيترائي واقعا ٿيا آهن پر پوليس خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو