اسرائيل هڪ متناسب جواب کي منهن ڏيندو: ايران

اسرائيل هڪ متناسب جواب کي منهن ڏيندو: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ)ايران اسرائيلي حملي جي جواب ۾ چيو آهي ته هو ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.اسرائيل 1 آڪٽوبر تي ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملن کان پوءِ جوابي ڪارروائي ڪندي 26 آڪٽوبر تي تهران، شيراز ۽ ڪرج تي صبح سوير هوائي حملا ڪيا.ايران جي سرڪاري ميڊيا تهران ۾ ڌماڪن جي تصديق ڪندي چيو ته تهران ۽ ان جي ڀرپاسي شهر ڪرج ۾ 5 ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.اسرائيلي حملن تي رد عمل ظاهر ڪندي ايران چيو آهي ته اسرائيل کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو، ايران ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو.ايراني فوجي عملدارن جو چوڻ آهي ته تهران جي ويجهو ٽن مختلف هنڌن تي حملن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ فضائي دفاعي نظام استعمال ڪيو ويو.ٻئي طرف ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاسداران انقلاب جي ڪنهن به آفيس کي نشانو نه بڻايو ويو، سمورن ايئرپورٽس تي صورتحال معمول تي آهي جڏهن ته ايران ايندڙ اطلاع تائين پنهنجون سموريون اڏامون منسوخ ڪري ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو