تھران (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج ايران تي حملي ۾ هڪ هفتي ۾ ٽئين اسپتال تي وحشيانه بمباري ڪئي آهي، جڏهن ته اسرائيلي ڊرون راڄڌاني تهران ۾ هڪ رهائشي عمارت تي حملو ڪيو آهي. قطري نشرياتي اداري الجزيره موجب، ايران جي صحت واري وزارت جي سربراهه چيو ته اڄ اسرائيلي بمباري ۾ تهران ۾ هڪ ٻي اسپتال کي نشانو بڻايو ويو،،” وزارت جي عوامي رابطن جي سربراهه سرڪاري هلائيندڙ IRNA نيوز ايجنسي کي هڪ بيان ۾ چيو “هي ايران ۾ ٽيون اسپتال آهي جنهن تي حملو ڪيو ويو آهي. صهيوني دشمن ڇهن ايمبولينس ۽ هڪ جامع طبي مرڪز کي به وحشيانه طور تي نشانو بڻايو آهيهن وڌيڪ چيو ته “اسرائيل انهن 7 ڏينهن جي بزدلانه جارحيت ۾ 6 ڀيرا کان وڌيڪ بين الاقوامي ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪئي آهي.”الجزيره موجب، ايراني نيوز ايجنسي عصر ايران چيو ته تهران جي مرڪزي گيشا علائقي ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ هڪ اپارٽمينٽ تي ڊرون حملو ڪيو ويو. اختيارين اڃا تائين واقعي جي نوعيت، ممڪن جاني نقصان يا حملي جي ذميوارن بابت ڪو به سرڪاري بيان جاري نه ڪيو آهي.










