اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ تي خيبرپختونخوا جي گورنر کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي.اسد قيصر چيو ته جيڪڏهن گورنر چونڊن جي تاريخ نه ٻڌائي ته سندس خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته آئين جي ڀڃڪڙي تي آرٽيڪل 6 لاڳو ڪيو ويندو، چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪندا.










