اسان مني بجيٽ کي رد ڪيون ٿا : عمران خان

اسان مني بجيٽ کي رد ڪيون ٿا : عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان پارليامينٽ ۾ پيش ڪيل مني بجيٽ تي تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جو ردعمل اچي ويو.زمان پارڪ لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان مني بجيٽ کي رد ڪيون ٿا ۽ تحريڪ انصاف سينيٽ ۾ ان جي ڀرپور مخالفت ڪندي پر صدر عارف علوي رنڊڪ نه بڻجندو.هن چيو ته پي ڊي ايم اسان جي حڪومت ۾ مهانگائي تي تنقيد ڪندي هئي، پيٽرول ٿورڙو مهانگو ٿيڻ تي سڀني جماعتن لانگ مارچ ڪيا، هاڻ اهي پاڻ حڪومت ۾ آيا آهن ته مهانگائي ختم ڪرڻ جو روڊ ميپ ڏيڻ بدران انتقامي ڪارروائين ۾ رڌل آهن.سندس چوڻ هو ڪير به ان خوش فهمي ۾ نه رهي ته آءِ ايم ايف کان قسط ملڻ بعد حالتون بهتر ٿي وينديون، ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچڻ تائين معاشي استحڪام نٿو اچي سگهي ۽ سياسي استحڪام چونڊن ذريعي ئي ممڪن آهي، حڪومت جي پٺڀرائي ڪندڙن کي سمجهڻ گهرجي ته انهن وٽ ڪو پلان ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو