اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اسان جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ پي ٽي آءِ کي آڻڻ ۾ جنرل ( ر ) باجوا جو ئي هٿ هو، پي ٽي آءِ وارا اِها ڳالهه ڇو نٿا ڪن، هر بري ڪم جو ذميوار اسان کي قرار ڏين ٿا.نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته سرگوڌا جلسي ۾ مون کي تصويرن بابت ڄاڻ نه هئي ۽ اِهو ڪنهن معاهدي جو حصو ناهي، جنرل ( ر ) باجوا جي ڪنهن سان ڪهڙي ڊيل ٿيڻي آهي، جنهن سان ڊيل ٿي هئي اُهي به سندس خلاف صبح شام ڳالهيون ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ جو موقف آهي ته پنجن جو جيڪو ٽولو آهي انهن ۾ ٻه فوج جا رٽائرڊ جنرل باجوا ۽ فيض حميد آهن، ٻه عدليا جا اڳوڻا چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار ۽ کوسا آهن جڏهن ته پنجون بينيفشري عمران خان آهي.










