ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ملزم ارمغان کي ريمانڊ نه ڏيڻ واري انتظامي جج کان انتظامي اختيار واپس وٺي ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اي ٽي سي جي انتظامي جج خلاف پراسيڪيوشن پاران داخل ڪيل چار درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.جسٽس ظفر راجپوت جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. درخواست ۾، پراسيڪيوشن موقف اختيار ڪيو ته اي ٽي سي جي انتظامي جج ملزم ارمغان جي جسماني ريمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. قائم مقام پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته عدالت رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ جي الزامن کانپوءِ جج کان سندس اختيار واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي هئي.










