ارمغان جو رمانڊ نه ڏيندڙ  انتظامي جج کان انتظامي اختيار واپس

ارمغان جو رمانڊ نه ڏيندڙ انتظامي جج کان انتظامي اختيار واپس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي ملزم ارمغان کي ريمانڊ نه ڏيڻ واري انتظامي جج کان انتظامي اختيار واپس وٺي ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اي ٽي سي جي انتظامي جج خلاف پراسيڪيوشن پاران داخل ڪيل چار درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.جسٽس ظفر راجپوت جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. درخواست ۾، پراسيڪيوشن موقف اختيار ڪيو ته اي ٽي سي جي انتظامي جج ملزم ارمغان جي جسماني ريمانڊ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. قائم مقام پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته عدالت رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ جي الزامن کانپوءِ جج کان سندس اختيار واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو