ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ضلعي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ٽائون چيئرمين جي حلف برداري 15 جون تائين ٿي ويندي نثار کهڙو موجب لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جي مئير لاءِ انور لوهر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ امين شيخ پيپلز پارٽي جا اميدوار هوندا نثار کهڙي ٻڌايو ته سکر جي ميئر شپ ٻيهر ارسلان شيخ حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد شيخ هوندو گهوٽڪي ضلعي چئيرمين لاءِ بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين تي بابر خان لنڊ کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گهوٽڪي ميونسپل تي ڄام آصف رضا چئيرمين ۽ سک ديو وائيس چيئرمين جا اميدوار هوندا جڏهن ته ميرپور ماٿيلو ميونسپل تي مير شعبان لنڊ کي چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي ڪشمور ضلعي لاءِ گل محمد جکراڻي چيئرمين ۽ الطاف کوسو وائيس چيئرمين نامزد ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ميونسپل لا شير محمد سهرياڻي کي چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قمبر شهدادڪوٽ لاءِ قمر الدين گوپانگ ۽ وائيس چيئرمين غلام محمد اسراڻ جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن نثار کهڙو موجب قمبر ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين شپ لاءِ نوبزاده ريحان چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ نور محمد بروهي کي نامزد ڪيو ويو آهي شڪارپور ضلعي ڪائونسل لاءِ ذوالفقار ڪماريون ۽ ڪامران مهر وائيس چيئرمين هوندا، جيڪب آباد لاءِ ضلعي تي طاهر کوسو ۽ وائيس تي رضوان اوڍو پيپلز پارٽي جا اميدوار هوندا جيڪب آباد ميونسپل جي چيئرمين شپ لاءِ غلام عباس جکراڻي ۽ وائيس چيئرمين شپ لاءِ آصف ابڙو جا نالا فائنل ڪيا ويا آهن،لاڙڪاڻي ضلعي ڪائونسل لاءِ اعجاز احمد لغاري چيئرمين ۽ اسد الله ڀٽو وائيس چيئرمين لاءِ اميدوار هوندا، جڏهن ته خير پور ضلعي تي شيراز راڄپر چيئرمين ۽ فهد علي شاھ جيلاني وائيس چيئرمين هوندا،نثار کهڙو ٻڌايو ته خيرپور ميونسپل ڪميٽي لاءِ ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو چيئرمين هوندو، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل سکر لاءِ سيد ڪميل شاھ ۽ وائيس تي اختر علي مهر اميدوار هوندا










