ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور مارننگ شو جي ميزبان ۽ اداڪارا ڊاڪٽر شائستہ لوڌي جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ڪيترائي اداڪار رنگ گورو ڪرڻ لاءِ وٽس انجيڪشن لڳرائڻ لاءِ اچي چڪا آهن. شائستا لوڌي ۽ ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جيو نيوز جي پروگرام ”جشن ڪرڪيٽ“ جا مهمان هئا، جنهن ۾ ٻنهي مختلف حصن ۾ پڇيل سوالن جا جواب ڏنا. شائستا لوڌي چيو ته ماڻهو هاڻ مارننگ شو ۾ ڪجهه نئون ۽ معلوماتي ڏسڻ چاهين ٿا، 65 سيڪڙو ماڻهو مارننگ شو جي مواد کان بيزار ٿي چڪا آهن. رنگ گورو ڪرڻ جي انجيڪشن بابت پڇڻ تي شائستا انڪشاف ڪيو ته هن وٽ نه رڳو اداڪارا پر ڪيترائي سياستدان به ايندا آهن جيڪي رنگ ڀورو ڪرڻ لاءِ انجيڪشن لڳرائي چڪا آهن. مارننگ شو جي ميزبان ناديه خان ۽ پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي جي معاملي تي شائستا چيو ته ناديه خان ايتري معصوم ناهي جو هن ڪا شرارت نه ڪئي هجي پر شرميلا فاروقي کي هاڻي تڪرار ختم ڪرڻ گهرجي. سياست بابت ڳالهائيندي شائستا لوڌي چيو ته نواز شريف عمران خان کان بهتر وزيراعظم ناهي.










