اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪيس: بوزدار جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اختيارن جي ناجائز استعمال جو ڪيس: بوزدار جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي عبوري ضمانت ۾ 5 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.لاهور جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وڏي وزير پنجاب عثمان بوزدار خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي شراب جا لائسنس جاري ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اڳوڻو وڏو وزير عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب کي عثمان بوزدار جي رمانڊ جي ضرورت آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته اسان وٽ سندس گرفتاري جا وارنٽ ناهن. عثمان بوزدار جي وڪيل چيو ته اسان کي بحث لاءِ تاريخ ڏيو، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جڏهن وارنٽ ئي ناهن ته تاريخ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟جنهن بعد عدالت ڪيس جي مختصر ٻڌڻي کانپوءِ عثمان بوزدار جي عبوري ضمانت ۾ 5 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.ٻئي طرف عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ صحافي عثمان بوزدار کان سوال ڪيو ته گرفتاري وارنٽ نه هئڻ تي تاريخ وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ جنهن تي اڳوڻي وڏي وزير جواب ڏنو ته جڏهن معاملو عدالت ۾ آهي ته مان سمجهان ٿو ته ان تي بحث نه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو